ورلڊ اڪنامڪ فورم جو پاڪستان جي ڪامياب معاشي پاليسين جو اعتراف

ڪراچي: عالمي وبا ڪورونا وائرس دوران پاڪستان جي ڪامياب پاليسين جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي ، پاڪستان ڪورونا پر ضابطو آڻيندڙ سڀ کان گهٽ معاشي نقصان کڻڻ وارو ملڪ بڻجي ويو .

ورلڊ اڪنامڪ فورم ” پاڪستان اسٽريٽيجي ڊي“ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي ، وزيراعظم عمران خان ڪورونا کان بچاءَ جي اسٽريٽجي کان عالمي معاشي فورم کي آگاهه ڪندو.

عالمي فورم اهو تسليم ڪيو ته ڪورونا کان بچاءَ جي بهترين حڪمت عملي ڪرڻ تي پاڪستان ڪاميابين ۾ سڀني کان گوءِ کڻي ويو آهي .

ڪورونا وائرس خلاف ڪامياب پاليسين جي اعتراف ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم 25 نومبر جو ڏينهن پاڪستان جي نالي ڪيو آهي .

صدر ڊبليو اي ايف وزيراعظم عمران خان جو وڊيو لنڪ وسيلي لائيو انٽرويو پڻ ڪندو ، سڄي دنيا جا سيڙپڪار ، ڪمپنين جا چيف ايگزيڪيٽو  به وزيراعظم عمران خان کان سوال ڪري سگهندا .

وزيراعطم عمران خان ٻڌائيندو ته ڪورونا دوران ڪهڙين پاليسين جي ڪري پاڪستان جو معاشي نقصان گهٽ ٿيو ، پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي  جتي حڪومت جي حڪمت عملي سان حالتون اهڙِي ريت بهتر ٿيون جو زندگي جو وهنوار مڪمل طور تي بحال ڪيو ويو

دنيا ۾ ڪورونا جي پهرين لهر دوران پاڪستان  کي سڀ کان گهٽ اقتصادي نقصان ٿيو ،ذريعن جو چوڻ آهي ته ورلڊ اڪنامڪ فورم سان ويڊيو انٽريو دوران ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ ۽ اسد عمر به ڪورونا دوران اپنايل حڪمت عملي بابت ڳالهائيندا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔