آصف غفورسميت 6 ميجر جنرلز جي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي

راولپنڊي: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرلز جي عهدي تي ترقي ڏني وئي .

پاڪ فوج جي عام تعلقات واري شعبي (آءِ ايس پي آر ) پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته ترقي ماڻيندڙن ۾ اختر نواز، حسن اظهرحيات، آصف غفور، سلمان فياض ، سرفراز علي ۽ محمدعلي شامل آهن .

ميجر جنرل آصف غفور کي به ليفٽِيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي ، ميجر جنرل آصف غفورجي او سي اوڪاڙه ۾ مقرر هو .

آصف غفور انٽرسروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) جو ڊائريڪٽر جنرل به رهي چڪو آهي ، سندس تعلق آرٽلري ڪور سان آهي .

هن 1988 ۾ پاڪستان فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪئي هئي ، کيس 15 ڊسمبر 2016  تي ڊي جي آءِ ايس پي آر جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو ۽ ان دوران هو سوشل ميڊيا تي گهڻو مقبول رهيو .

هو فوج جي ترجمان جي حيثيت سان اڪثرڪري خبرن جي زينت رهيو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔