ڀارت جي کنيل قدمن سان ڪشميري پنهنجي سياسي ۽ ثقافتي سڃاڻ وڃائي رهيا آهن:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته گڏيل قومن جو ادارو ڪشميرين سان پنهنجو ڪيل وعدو پورو ڪري اتان جي عوام کان عام راءِ وٺي .

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي جي سازش تي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خط لکيو آهي .

پرڏيهي وزير پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته ڀارت خطي جي امن ۽ سلامتي کي سخت خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي ، ڀارت والاريل علائقي ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي .

هن چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانون ۽ جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي ، ڀارت ڪشميري نسل ڪشي ۽ ڪشمير ۾ اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪري رهيو آهي ، ڪشميرين جي زمين کسي غير ڪشميرين کي اتي آباد ڪيو پيو وڃي ، ڀارت جي غاصباڻي قدمن سان ڪشميري پنهنجي سياسي ۽ ثقافتي سڃاڻ وڃائي رهيا آهن .

خط ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ڪشمير مسئلي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ايل او سي تي چڙ ڏيارِيندڙ ڪارروائيون ڪري رهيو آهي ، ڀارت هلندڙ سال ايل او سي تي 2700 خلاف ورزيون ڪيون جنهن ۾ 25 شهري شهيد ، 200 زخمي ٿي چڪا آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔