ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي ايم ڪيو ايم لنڊن جا 5 دهشتگرد گرفتار

ڪراچي: ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪندي 5 مبينه  ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪري ورتو.

ڪائونٽر ٽيرارزم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته مبينه ٽارگيٽ ڪلرز جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي ۽ هو ٽارگيٽ ڪلرز اجمل پهاڙي ۽ ڪاشف ڊيوڊ جا ويجها ساٿي آهن. سي ٽي ڊي موجب جوابدار ڀارتي ڳجهي ايجنسي کان تربيت به حاصل ڪري چڪا آهن.

جوابدارن کي 3 مختلف ڇاپا مار ڪارروائين دوران گرفتار ڪيو ويو. ٻه مهينا اڳ به ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي قتل ۾ ملوث ٻن مبينه ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

پوليس موجب جوابدار ڪراچي ۾ تعليم کاتي جي ٻن آفيسرن جي قتل ۾ به گهربل هئا. ڪائونٽر ٽيررازم پوليس موجب ٻنهي ٽارگيٽ ڪلرز کي پاڪ ڪالوني جي علائقي مان گرفتار ڪيو ويو. جوابدارن جو تعلق متحده قومي موومينٽ لنڊن سان هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔