پاڪستان خطي ۾ ڀارتي دهشتگردي خلاف ڊوزيئر گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آڏو پيش ڪري ڇڏيو

ڪراچي : پاڪستان ۾ خطي ۾ ڀارتي دهشتگردي خلاف ڊوزيئر گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آڏو پيش ڪري ڇڏيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ايلچي منير اڪرم پاڪستاني ڊوزيئر گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس آڏو پيش ڪيو. ان موقعي تي منير ڪرم چيو ته ڀارت سي پيڪ کي ڇيهو رسائڻ لاءِ پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي. منير اڪرم چيو ته ڀارت سي پيڪ رٿا کي ناڪام بڻائڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪيو آهي، سلامتي ڪائونسل جي ميمبر ملڪن ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل ادارن آڏو به ڊوزيئر پيش ڪنداسين، ڀارت خلاف اسان جي ثبوتن کي رد نٿو ڪري سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔