نوازشريف جي امڙ شميم اختر جي جنازي نماز جمعي تي لنڊن جي ريجنٽ پارڪ مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي

لنڊن: شريف ڀائرن جي امڙ بيگم شميم اختر جي جنازي نماز جمعي تي ريجنٽ پارڪ مسجد لنڊن ۾ ادا ڪئي ويندي.

خانداني ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته جنازي جي نماز کان پوءِ بيگم شميم اختر جو مڙه پاڪستان روانو ڪيو ويندو.

جڏهن ته ان جي تدفين جاتي امراءَ ۾ ڪئي ويندي. ريجنٽ پارڪ مسجد جي ترجمان موجب شريف خاندان جنازي نماز ۾ شرڪت ڪندڙ 30 ڄڻن جي لسٽ ڏيندو.

ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي امڙ بيگم شميم اختر گذريل هفتي لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.

بيگم شميم اختر جي سيني ۾ انفيڪشن ٿي پيو هو ۽ کيس الزائمر جي بيماري به هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔