جبري موڪل تي اماڻيل سنڌ يونيورسٽي جو وي سي فتح محمد برفت عهدي تي بحال

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي جي وي سي فتح محمد برفت جي جبري موڪل وارو حڪومتي نوٽيفڪيشن غيرقانوني قرار، سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪومتي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته جبري موڪل وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺو، ٻي صورت ۾ ڪالعدم قرار ڏنو ويندو، سنڌ سرڪار جي وڪيل طرفان نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ بعد فتح محمد برفت عهدي تي بحال، عدالتي فيصلي بعد هڪ انٽرويو ۾ فتح محمد برفت چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو لکت ۾ فيصلو ملندي ئي چارج سنڀاليندس، غيرقانوني نوٽيفڪيشن ذريعي جبري موڪل تي روانو ڪيو ويو هو، ڪرپشن جي الزامن لاءِ جڙيل جاچ ڪميٽي سان به سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔