سنڌ ۾ عورتن سان جنسي زيادتي جي ڪيسز ۾ جوابدارن کي جلد سزا ۽ ڊي اين اي بابت نئون مسودو تيار

ڪراچي: سنڌ سرڪار عورتن سان جنسي زيادتي جي ڪيسز ۾ جوابدارن کي جلد سزا ۽ ڊي اين اي نمونا حاصل ڪرڻ بابت نئون مسودو تيار ڪري ورتو، اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران مسودو پيش، عدالت درخواستگذار کي نئين مسودي جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس محمد علي مظهر چيو آهي ته اهڙو نظام جوڙيو وڃي، جيڪو اسان جي معاشري سان ٺهڪندڙ هجي، امريڪا ۽ ڪينيڊا جهڙو نظام هتي عمل جوڳو نه هوندو، ڊي اين اي جو جديد نظام لاڳو ڪريو ۽ جاچ ۾ ٽيڪنالوجي جي استعمال کي وڌايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔