سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ليڪچرارز کي 10 ڏينهن ۾ ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي: ڇا توهان چاهيو ٿا ته وڏي وزير کي توهين عدالت جو نوٽيس اُماڻيون؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان 10 هزار ليڪچرارز کي ٽائيم اسڪيل نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، سنڌ هاءِ ڪورٽ ليڪچرارز کي 10 ڏينهن ۾ ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ اي جي سنڌ طرفان مهلت گهرڻ تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته توهان مونجهارا پيدا ڪرڻ گهرو ٿا ته نتيجن لاءِ به تيار رهو، ماڻهو سال کان ڌڪا کائي رهيا آهن، توهان کي ٿورو به احساس نه آهي، عدالت جو حڪم وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري لاءِ هو، توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ تيار رهو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔