شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي واري سمري پنجاب ڪابينا حوالي

لاهور : پنجاب جي وڏي وزير عثمان بُزدار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي واري سمري ڪابينا ڏانهن اُماڻي ڇڏي، گهرو کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي 5 ڏينهن لاءِ پرول تي آزاد ڪرڻ جي سمري تيار ڪئي وئي آهي، پنجاب ڪابينا جي منظوري بعد کين آزاد ڪيو ويندو، نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير جو چوڻ آهي ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اڄ ئي پرول تي آزادي ٿي وڃي، خبر ناهي ته پنجاب حڪومت دير ڇو پئي ڪري، بيگم شميم اختر جو مڙهه پاڪستان اُماڻڻ بابت اڄ خبر پئجي ويندي، وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته نواز شريف، اسحاق ڊار، حسن ۽ حسين نواز مٿان پاڪستان اچڻ تي ڪابه پابندي نه آهي، هو بيگم شميم اختر جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪن، رياستي جبر واري پروپئگنڊا لاڏاڻي تي سياست برابر آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔