ٽڪ ٽاڪ کي وڏو ڌڪ، مقابلي ۾ ٻي ايپليڪيشن تيار

اسنيپ چيٽ پنهنجي ايپ ۾ هڪ نئين سيڪشن اسپاٽ لائٽ جي واڌ ڪئي آهي جنهن ۾ صارفن جون مختصر ويڊيوز ڏيکاريون وينديون.
هونئن ته هي پهريون ڀيرو ناهي جڏهن اسنيپ چيٽ ۾ صارفن جي ويڊيوز کي هائي لائٽ ڪيو ويو پر اِهو پهريون دفعو ضرور آهي جڏهن اسنيپ چيٽ انهيءَ اپيليڪشن ۾ واضح جاءِ ڏني آهي.
۽ صارفن جو ڌيان حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسنيپ چيٽ طرفان زبردست آفرون به اچي رهيون آهن.
ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته هو هلندڙ سال جي آخر تائين روزاني 10 لک ڊالر اهڙن ماڻهن ۾ ورهائيندا جيڪي ان سيڪشن جي لاءِ سڀ کان مقبول ويڊيوز شيئر ڪندا.
اسنيپ چيٽ اسپاٽ لائٽ ڪنهن حد تائين ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام ريلز سان ملي ٿي، جهڙوڪ آٽو پلي ورٽيڪل ويڊيوز، سوائپ اپ يا ڊائون جي ذريعي ويڊيوز تبديل ڪرڻ.
هڪ الگورٿم اِهو ڏسندو ته ڪهڙيون ويڊيوز فيڊ تي ظاهر ٿينديون پر اُهي مخصوص ٽاپڪس تي به سرفنگ ڪري سگهنديون.
پر اسپاٽ لائٽ ڪجهه مختلف به آهي، جنهن ۾ ڪمنٽس جي اجازت نه هوندي ۽ ڪجهه ويڊيوز بڻائيندڙن جا نالا ظاهر نه ٿيندا.
آسان لفظن ۾ اسپاٽ لائٽ ۾ ويڊيو بنا ڪنهن نالي يا اڪائونٽ جي نظر ايندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔