ديوالي کانپوءِ ”ڇيڻن جي جنگ“ جو عجيب ڏڻ

ڪرناٽڪا: دنيا ۾ هونءَ ته عجيب ۽ غرين ڏڻن جي ڪا کوٽ ناهي، پر ڏکڻ هندستان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ گماتاپورا ۾ هر سال ديوالي ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن تي ”گورهبا“ يعني ”ڇيڻن جي جنگ“ جو ڏڻ ملهايو ويندو آهي جنهن ۾ ماڻهو ڳئون جي ڇيڻن جا گولا ٺاهي هڪٻئي کي هڻندا آهن.
ياد رهي ته هندو ڌرم ۾ ڳئون کي مقدس حيثيت حاصل آهي، جنهن ڪري هندن ۾ ڳئون کي”گئو ماتا“ چيو ويندو آهي جڏهن ته ڳئون جو ڇيڻو به ايترو ئي ”پوتر“ پاڪ سمجهيو ويندو آهي جيڪو هندو عقيدي موجب ماڻهن کي ڪيترين ئي پريشانين ۽ آفتن کان بچائي ٿو.
گورهبا جو ڏڻ به اصل ۾ ڳئون ماتا سان اظهار عقيدت ۽ منت گهرڻ جو هڪ طريقو آهي، البت اهو واضح ناهي ته ڇيڻن جي جنگ جو اهو ڏڻ ختم ٿيڻ جي ٻئي ڏينهن ڇو ٿو ملهايو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔