وياج جي شرح 7 سيڪڙو جي موجوده سطح تي برقرار رکڻ جو اعلان

ڪراچي : اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح 7 سيڪڙو جي موجوده سطح تي برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته معيشت جي بحالي جو سلسلو روز پڪڙي رهيو آهي ۽ ڪاروباري احسان وڌيڪ بهتر ٿيا آهن، جڏهن ته ڪورونا جي ٻي لهر پاڪستان ۾ معاشي اوسر ۾ گهٽتائي جا خطرا سامهون آڻي رهي آهي.
مرڪزي بئنڪ موجب مهانگائي کاڌي پيتي جي شين جي پهچ جي دٻاءَ جو نتيجو آهي، جيڪو عارضي هوندو، هلندڙ مالي سال مهانگائي 7 کان 9 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مهانگائي ۽ معاشي اوسر جي منظر نامي کي خطرا متوازن محسوس ٿين ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔