اسلام آباد: حڪومت پيٽرول جي قيمتن تي ليوي ۾ اضافو ڪري عوام کي هڪ دفعو ٻيهر رليف کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب تيل جي عالمي قيمتن ۾ مسلسل گهٽتائي جي باوجود پاڪستاني عوام اڃان تائين پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ خاطر خواهه گهٽتائي کان محروم آهي جڏهن ته حڪومت قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي ڪري پيٽرول تي ليوي ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.
حڪومت هڪ هفتي جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين ڪندي ليوي جي قيمتن ۾ وڏيون تبديليون ڪيون آهن جنهن موجب پيٽرول تي پيٽروليم ليوي ۾ 6 روپيه 22 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي. اضافي کان پوءِ پيٽرول تي ليوي جي شرح هاڻ 70 روپيه 36 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔