پي ٽي آئي پاران آزاد ڪشمير جي عام چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان

اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير جي عام چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هڪ بيان ۾ تحريڪ انصاف جو چوڻ آهي ته موجوده حالتن ۾ چونڊ عمل جو حصو نه بڻجنداسين. آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊون 27 جولاءِ تي شيڊول موجب ٿينديون. ترجمان اليڪشن ڪميشن آزاد ڄمو ۽ ڪشمير هڪ بيان ۾ چيو هو ته اسيمبليءَ جي آئيني مدت ۽ قانوني تقاضائن جي ڪري 5 جون تي چونڊ شيڊول جاري ڪيو ويو. ترجمان اليڪشن ڪميشن آزاد ڄمو ۽ ڪشمير موجب، آزاد ڪشمير جي عام چونڊن کي ملتوي ڪرڻ بابت افواهه بي بنياد آهن، چونڊ شيڊول آئيني ۽ قانوني تقاضائن موجب جاري ڪيو ويو آهي، بدنيتيءَ جو تاثر بي بنياد آهي. ترجمان چيو ته چونڊون وقت تي ڪرائڻ آئيني ذميواري آهي، چونڊ شيڊول ڪنهن سياسي مقصد تحت جاري ناهي ڪيو ويو. ترجمان اليڪشن ڪميشن موجب، آزاد ڪشمير ۾ شفاف، آزاداڻيون ۽ غير جانبداراڻيون چونڊون ڪرائڻ کي يقيني بڻايو ويندو.

تبصرے بند ہیں۔