سپريم ڪورٽ پاران سي ڊي اي کي اڏاوتي ريگيولرائيزيشن جو عمل شفاف بڻائڻ جو حڪم

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ، سي ڊي اي کي اڏاوتي ريگيولرائيزيشن جو عمل شفاف بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته هائوسنگ سوسائٽيز لاءِ پنهنجو سيوريج پلانٽ لڳائڻ وارو شرط به اين او سي ۾ شامل هئڻ گهرجي، عمارتن جي ريگيولرائيزيشن جو عمل بنا ڪنهن فرق جي شفاف بڻايو وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ ٽَي رڪني بئنچ بني گالا ۾ غير قانوني اڏاوتن واري پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت سي ڊي اي کي اڏاوتن جي ريگيولرائيزيشن جو عمل شفاف بڻائڻ جو حڪم ڏيندي هائوسنگ سوسائٽي پاران ڪورنگ نالي جو پاڻي گدلو ڪرڻ تي رپورٽ طلب ڪري ورتي. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته هائوسنگ سوسائٽيز لاءِ پنهنجو سيوريج پلانٽ لڳائڻ وارو شرط اين او سي ۾ شامل هئڻ گهرجي، سوسائٽيز کي گدلو پاڻي ڪورنگ نالي ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔