سپريم ڪورٽ لا گيٽ ٽيسٽ ۾ 50 سيڪڙو کان گهٽ نمبر کڻندڙ وڪيلن کي ووٽ جو حق ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ڪرونا سبب لا گيٽ ٽيسٽ نه ڏيندڙ ۽ 50 سيڪڙو کان گهٽ نمبر کڻندڙ وڪيلن کي ووٽ جو حق ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته بارز جو معيار اسان کي ئي بهتر بڻائڻو آهي، ٻڌڻيءَ دوران وڪيلن سپريم ڪورٽ جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. سپريم ڪورٽ، ۾ جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ بئنچ نوَن وڪيلن جي انرولمينٽ بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته لا گيٽ ٽيسٽ جي سوالن جو ڪوبه مجموعو ناهي، سليبس سان اڻ لاڳاپيل سوال پڇيا وڃن ٿا. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته گهربل نمبرز حاصل نه ڪندڙ نوان وڪيل لا گيٽ ٽيسٽ پاس ڪري ووٽ جو حق حاصل ڪن، پاڪستان بار ڪائونسل لا گيٽ ٽيسٽ لاءِ سوالن جو مجموعو تيار ڪرڻ واري معاملي تي غور ڪري. عدالت ووٽنگ جو حق لا گيٽ ٽيسٽ ۾ 50 سيڪڙو نمبر کڻندڙ نون وڪيلن کي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اسان کي بارز جي معيار کي بهتر بڻائڻو آهي، اهڙن وڪيلن کي ووٽ جو حق نه ڏنو وڃي، جن جا نمبرز گهٽ آهن. ٻڌڻيءَ دوران ملڪ جي مختلف حصن مان آيل وڪيلن عدالت جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري هائير ايجوڪيشن ڪميشن خلاف نعريبازي پڻ ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔