ملڪ اندر ڪرونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 7 سيڪڙو کان وڌي وئي

اسلام آباد: ملڪ اندر ڪرونا ڪيسز ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو، مثبت ڪيسز جي شرح 7 سيڪڙو کان وڌي وئي، اين سي او سي موجب هڪ هفتي دوران تعليمي ادارن ۾ ڪرونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 82 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي اجلاس دوران ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسز ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو، جنهن دوران تعليمي ادارن ۾ ڪرونا جي وڌندڙ ڪيسز تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. اين سي او سي اختيارين پاران اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪرونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي مجموعي شرح 7 ڏهائي 46 سيڪڙو ٿي وئي، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪرونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي شرح 11 ڏهائي 45 سيڪڙو تائين پهتل آهي. اين سي او سي موجب بلوچستان ۾ ڪرونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي شرح 7 ڏهائي 73، گلگت بلتستان ۾ 5 ڏهائي 23، اسلام آباد ۾ 9 ڏهائي 9، ڪي پي ۾ 9 ڏهائي 85، سنڌ ۾ 9 ڏهائي 63 ۽ پنجاب ۾ 3 ڏهائي 95 سيڪڙو آهي. اين سي او سي اختيارين موجب راولپنڊي، ملتان، لاهور، فيصل آباد، ڪراچي، حيدرآباد، پشاور، ايبٽ آباد ۽ سوات ڪرونا متاثر شهرن ۾ شامل آهن. اين سي او سي موجب ٻن هفتن دوران ڪرونا جي ڳڻتي جوڳن مريضن ۾ ٻيڻ تي واڌ ٿي وئي آهي. اين سي او سي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪرونا وائرس جي مثبت ڪيسز جي شرح ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي، جنهن سبب گذريل هڪ هفتي ۾ تعليمي ادارن ۾ مثبت ڪيسز جي شرح 82 سيڪڙو رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔