جلسن لاءِ ڪٺ پتلي حڪومت جي اجازت نه اڳ گهربل هئي ۽ نه ئي هاڻي کپي: نفيسه شاهه

اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نفيسه شاهه ملتان ۽ لاهور جي جلسن لاءِ اجازت نه ڏيڻ واري فيصلي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت اجازت نامن جي آڙ ۾ مخالف ڌر اڳواڻن کي لاڳيتو ڊيڄارڻ جو سلسلو بند ڪري. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ نفيسه شاهه چيو ته سمورين رڪاوٽن باوجود پشاور کانپوءِ ملتان ۽ لاهور ۾ به شاندار جلسا ٿيندا، جن لاءِ ڪٺ پتلي ۽ وسيم اڪرم پلس حڪومت جي اجازت نه اڳ گهربل هئي ۽ نه ئي هاڻي کپي. هن چيو ته پي ڊي ايم جي تحريڪ جي رستي ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون ته پي ڊي ايم پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو، حڪومتي وزير پاڻ به اڃا تائين ڪارنر گڏجاڻيون ڪري رهيا آهن. نفيسه شاهه چيو ته فردوس عاشق اعواڻ به ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪئي، ڇا حڪومت سندس خلاف ايڪشن کڻندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔