وزيراعظم عمران خان سان ڪي پي جي وڏي وزير جي ملاقات

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سان خيبر پختونخواه جي وڏي وزير ملاقات ڪري ڪرونا سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خيبر پختونخواه جي وڏي وزير محمود خان اسلام آباد پهچي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران خيبر پختونخواه ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن ۽ ڪرونا وائرس جي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم ڪي پي جَي وڏي وزير کي صوبي اندر وفاق جي سهڪار سان هلندڙ ترقياتي منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔