پاڪستان ۽ چين ۾ ايم ايل ون منصوبو جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد: پاڪستان ۽ چين ريلوي جو ڪراچي کان پشاور تائين ايم ايل ون منصوبو جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو، شيخ رشيد چيو آهي ته ايم ايل ون منصوبي سان پاڪستان اندر ريلوي ۾ انقلاب ايندو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد سان پاڪستان ۾ مقرر نئين چيني سفير نونگ رونگ ملاقات ڪري چين جي سهڪار سان ريلوي ۾ جاري منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات دوران ريلوي جي ڪراچي کان پشاور ايم ايل ون منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي چيني سفير چيو ته سي پيڪ منصوبو ٻنهي ملڪن وچ ۾ گِهرن لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي. شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ لازوال دوستي گڏيل اعتماد ۽ ڀروسي تي قائم آهي، ايم ايل ون منصوبي سان ريلوي ۾ انقلاب ايندو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔