ايل او سي تي جنگبندي جون ڀڃڪڙيون: ڀارتي سفير پرڏيهي آفيس طلب، احتجاج

اسلام آباد: ايل او سي تي جنگبندي جي ڀڃڪڙين تي اسلام آباد ۾ مقرر ڀارتي سفير کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو، پرڏيهي ترجمان موجب هلندڙ سال ڀارت ڄاڻي واڻي 2 هزار 820 ڀيرا جنگي بندي جي ڀڃڪڙي ڪئي، هاڻي تائين 26 ڄڻا شهيد ۽ 245 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب 22 نومبر تي ايل او سي جي کوئي رٽا سيڪٽر تي ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 11 معصوم شهري زخمي ٿيا هئا. پرڏيهي ترجمان موجب ڀارتي سيڪيورٽي فورسز ڄاڻي واڻي ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي شهري آبادي کي نشانو بڻائي رهي آهي. پرڏيهي ترجمان موجب هلندڙ سال ڀارت ڄاڻي واڻي 2 هزار 820 ڀيرا جنگي بندي جي ڀڃڪڙي ڪئي، هاڻي تائين 26 ڄڻا شهيد ۽ 245 زخمي ٿي چڪا آهن…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔