شاگردن کي بنا امتحان جي ڪنهن به صورت ۾ پروموٽ نه ڪيو ويندو: سعيد غني

ڪراچي: سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته هن سال شاگردن کي بنا امتحان جي ڪنهن به صورت ۾ پروموٽ نه ڪيو ويندو، ملڪ جي سمورن تعليمي ادارن بدران 73 سيڪڙو انرولمينٽ وارن اسڪولن کي بند ڪيو وڃي، ننڍن اسڪولن کي بينڪس ذريعي قرض ڏنا وڃن ۽ قرض جو وياج به وفاقي حڪومت ادا ڪري ته جيئن اسڪول معاشي بدحالي جو شڪار نه ٿي سگهن. اين سي او سي اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت دوران سعيد غني چيو ته هن سال شاگردن کي بنا امتحان جي ڪنهن به صورت ۾ پروموٽ نه ڪيو ويندو. سعيد غني ملڪ جي سمورن تعليمي ادارن بدران 73 سيڪڙو انرولمينٽ وارن اسڪولن کي بندڪرڻ جي تجويز ڏني. سعيد چيو ته ننڍن اسڪولن کي بينڪس ذريعي قرض ڏنا وڃن ۽ قرض جو وياج به وفاقي حڪومت ادا ڪري ته جيئن اسڪول معاشي بدحالي جو شڪار نه ٿي سگهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔