فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ وارو معاملو: وزيراعظم خلاف توهين عدالت واري درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ، گستاخ خاڪا شايع ڪرڻ تي فرانس سان سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپا ختم ڪرڻ واري معاملي تي وزيراعظم ۽ سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن خلاف توهين عدالت واري درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله گستاخ خاڪا شايع ڪرڻ تي فرانس سان سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپا ختم نه ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان ۽ سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن احمد نواز سکيرا خلاف توهين عدالت واري درخواست ٻڌڻ لاءِ بئنچ جوڙي ڇڏي. جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل نئين بئنچ وزيراعظم ۽ سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن خلاف توهين عدالت واري درخواست تي پهرين ڊسمبر تي ٻڌڻي ڪندي. جسٽس محسن اختر ڪياني 13 نومبر تي توهين عدالت درخواست ٻڌڻ کان معذرت ڪندي معاملو چيف جسٽس کي اماڻي ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔