اسٽيل ملز جي ملازمن جو امڪاني برطرفين خلاف مک گيٽ آڏو ڌرڻو

ملير: اسٽيل ملز امپلائيز ايڪشن ڪميٽي پاران امڪاني برطرفين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙ ملازمن جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت استيل ملز جي زمين ڦٻائڻ لاءِ ملز کي بند ڪرڻ چاهي ٿي پر اهري ڪا به سازش ڪامياب ٿين نه ڏني ويندي، چيف جسٽس آف پاڪستان نوٽيس وٺي اسٽيل ملز کي بچائي. اسٽيل ملز امپلائيز ايڪشن ڪميٽي امڪاني برطرفين خلاف اسٽيل مل جي جناح گيٽ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج ڪندڙ پورهيت ۽ ملازمن جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت اسٽيل ملز جي زمين ڦٻائڻ لاءِ ملز کي بند ڪري هزارين ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ چاهي ٿي پر اهري ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي. احتجاج ڪندڙن اپيل ڪئي ته چيف جسٽس آف پاڪستان معاملي جو نوٽيس وٺي اسٽيل ملز جي هزارين ملازمن ۽ پورهيتن کي بيروز گار ٿيڻ کان بچائيِ..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔