سنڌ ۾ نيون ڪورونا ايس او پيز،سينما ۽ مزارون بند،ڪاروبارشام 6 وڳي تائين جاري رکڻ جو حڪم

ڪراچي/اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر خطرناڪ صورتحال اختياري ڪري وئي، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 48مريض فوت ٿيڻ  بعد انگ وڌي 7 هزار  744 ٿي ويو، 24ڪلاڪن دوران  ڪورونا جا 2 هزار 957 ڪيس رپورٽ ٿيا، اين سي او سي موجب ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 7 ڏهائي 5 سيڪڙو رهي، سنڌ ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌڻ کانپوءِ لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ سختِي، ڇنڇر ۽ آچر تي ڪاروباري مرڪز بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ 50 سيڪڙو اسٽاف گهٽائڻ جو حڪم، گهرو کاتي نئون حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، شادي تقريبون شادي هالز بدران کليل هنڌن تي ٿينديون، رات نائين وڳي کانپوءِ شادي تقريبن تي پابندي هوندي، رات ڏهين وڳي تائين کليل رهندڙ هوٽلز ۾ ماني کائڻ تي پابندي هوندي، هوم ڊليوري ۽ پارسل جِي اجازت هوندي، مزارن، ٿيٽرز، سنيماز، انڊور گيمز، بزنس سينٽرز ۽ بند جڳهن تي ٿيندڙ ٻيون سرگرميون مڪمل طور بند رهنديون، نئون حڪمنامو ايندڙ سال 31 جنوري تائين لاڳو هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔