وزيراعظم جي صدارت هيٺ اهم اجلاس طلب، اسمارٽ لاڪ ڊائون سميت اهم فيصلن جو امڪان

اسلام آباد: قومي رابطه ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ وزيراعظم عمران جي صدارت هيٺ ٿيندو جنهن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون سميت اهم فيصلا ڪيا ويندا.

ان حوالي سان ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته قومي رابطه ڪميٽي جي طلب ڪيل اجلاس ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويندو.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪورونا جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. ذميوار ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڪورونا جي موجوده صورتحال تي وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏني ويندي.

اجلاس جي حوالي سان ذريعن ٻڌايو آهي ته قومي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ تعليمي ادارن جي بندش جي فيصلن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ اين سي او سي، صحت ۽ تعليم جون اعليٰ اختياريون شرڪت ڪنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔