موسميات کاتي اسلام آباد ۾ برسات، خيبرپختونخواهه ۾ برفباري جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف علائقن  خاص طور تي ملڪ جي گادي واري شهر ۾ اڄ برسات ۽ خيبرپختونخواهه ۾ برفباري جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف علائقن خاص طور تي وچولي علائقن ۾ موسم جهڙالو رهندو. جڏهن ته اسلام اباد ۾ موسم جهڙالو رهڻ سان گڏوگڏ ڪجهه علائقن ۾ برسات جو امڪان به ظاهر ڪيو ويو آهي. پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي جڏهن ته دير، چترال، مالاڪنڊ، سوات، بونير، مانسهره، ايبٽ آباد ۽ ڪوهستان ۾برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي طرفان امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ته پشاور، مردان، صوابي، ڪوهاٽ، بنون، ڊي آ3 خان، وزيرستان ۽ ڪرم ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته سنڌ جي مختلف  مٿانهين وارن علائقن ۾ موسم جزوي طور تي جهڙالو رهندو. سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ ڪراچي ۾ هلڪي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

ڪوئٽه، پشين، زيارت، چمن، چاغي، دالبدين، گوادر ۽ مڪران ۾ به برسات جو امڪان آهي. خضدار، آواران، تربت، پنجگور، لسبيله ۽ قلات ۾ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن ملڪ جي مختلف علائقن ۾ بررسات ۽ مٿانهين علائقن ۾ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔