دنيا جي مهانگن ترين شهرن جي فهرست جاري

عالمي سطح تي رهڻي ڪهڻي تي لاڳت جو جائزو وٺندڙ اداري دي اڪنامسٽ انٽيليجنس يونٽ (اي آءِ يو) دنيا جي مهانگن ترين شهرن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي.
ان سروي ۾ دنيا جي 133 شهرن ۾ ڪورونا وائرس دوران ماڻهن جي خريد جي قوت کي به نظر ۾ رکيو ويو ۽ شهرن جي ڀيٽ ۾ لاءِ پيمانو آمريڪا جي شهر نيو يارڪ جي قيمتن کي ٻڌايو ويو آهي.
فهرست جوڙڻ وقت 130 شهرن ۾ 138 شين ۽ خدمتن تي ايندڙ خرچن جو جائزو ورتو ويو، جن ۾ نجي تعليم، سماجي مدد، رهڻ ۽ کائڻ پيئڻ، لباس، گهر جي مسواڙ، ٽرانسپورٽ ۽ ٻيا خرچ شامل آهن.
دي اڪنامسٽ انٽيليجنس يونٽ موجب سوئٽزرلينڊ جو شهر زيورخ، فرانس جو تخت گاهه پيرس ۽ هانگ ڪانگ گڏيل طور دنيا جا مهانگا ترين شهر قرار ڏنا ويا آهن.
رپورٽ موجب سنگاپور رهائش جي حوالي سان دنيا جو چوٿون مهانگو ترين شهر آهي، جڏهن ته اسرائيلي شهر تل ابيب ان فهرست ۾ پنجين نمبر تي رهيو.
ايشيائي ملڪ جاپان جو شهر اوڪاسا ڇهون مهانگو ترين شهر، جڏهن ته سوئٽزرلينڊ جو جنيوا ستون ۽ آمريڪا جو نيو يارڪ دنيا جو اٺون مهانگو ترين شهر آهي.
مهانگن ترين شهرن ۾ ڊنمارڪ جو ڪوپن هيگن نائين ۽ آمريڪا جو لاس اينجلس ڏهين نمبر تي رهيو.
دي اڪنامسٽ انٽيليجنس يونٽ موجب ايشيا جو هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور گذريل سال دنيا جا مهانگا ترين شهر هئا پر هن سال ڪورونا سبب فهرست ۾ تبديلي ٿي آهي.
واضح رهي ته 2019 ۾ سستن ترين شهرن جي فهرست ۾ پاڪستان جي ڪراچي کي دنيا جو ڇهون سستو ترين شهر قرار ڏنو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔