ٽرمپ چونڊن ۾ فراڊ جا الزام رد ڪندڙ سائبر سيڪيورٽي سربراهه کي هٽائي ڇڏيو

واشنگٽن: صدارتي چونڊن جي ٻن هفتن کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سائبر سيڪيورٽي جي ملڪي سربراهه ڪرسٽوفر ڪريبس کي برطرف ڪري ڇڏيو.
ڪريبس، ٽرمپ طرفان چونڊن ۾ فراڊ جي الزامن جي مخالفت ڪئي هئي.
ٽرمپ طرفان جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪريبس کي فوري طور ان ذميواري کان الڳ ڪيو ويو آهي.
آمريڪي گهرو سلامتي جي وزارت جي هڪ حصي طور ڪم ڪندڙ سائبر سيڪيورٽي ايجنسي 3 نومبر تي ٿيندڙ چونڊن کي آمريڪي تاريخ جون تحفوظ ترين چونڊون قرار ڏنو هو.
ڊونلڊ ٽرمپ اڃا تائين جو بائيڊن هٿان چونڊن ۾ پنهنجي شڪست قبولڻ لاءِ تيار ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔