ڳورهاريون عورتون ڪافي ۽ انرجي ڊرنڪس پيئڻ جي غلطي نه ڪن! ڇرڪائيندڙ تحقيق

لنڊن: ڪافي پيئڻ سان ڳورهاري عورتن جي صحت تي ڪهڙا اثر پون ٿا؟ سائنسدانن نئين تحقيق ۾ خبردار ڪري ڇڏيو.
برطانيا جي مانچسٽر يونيورسٽي جي سائنسدانن موجب جيڪي عورتون حمل دوران روز 100 ملي گرام (هڪ ڪوپ کان به گهٽ) ڪافي پيئن ٿيون، انهن جو حمل ضايع ٿيڻ جو خطرو 27 سيڪڙو تائين وڌي وڃي ٿو ۽ جيڪي عورتون ٻه ڪوپ ڪافي پيئنديون آهن، انهن ۾ ان خطري جي شرح ٻيڻ تي وڌي وڃي ٿي.
ان تحقيق دوران سائنسدانن هڪ هزار ڳورهاري عورتن کي نگراني ۾ رکيو ۽ انهن جي غذائي عادتن کي جاچيو.
هڪ هزار مان 270 عورتن جا حملا ضايع ٿيا ۽ اهي سڀ اهڙيون هيون، جيڪي ڪافي ۽ انرجي ڊرنڪس پيئڻ جون عادي هيون.
نتيجن ۾ سائنسدانن ٻڌايو ته انرجي ڊرنڪس ڳورهاري عورتن لاءِ ڪافي کان به وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿين ٿيون.
تحقيقاتي ٽيم جي سربراهه پروفيسر ايلگزينڊر هيزل موجب اسان جي تحقيق مان ثابت ٿيو ته جيڪي عورتون روز 100 ملي گرام انرجي ڊرنڪس پيئن ٿيون، انهن جو حمل ضايع ٿيڻ جو خطرو 85 سيڪڙو تائين وڌي وڃي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔