گهوٽڪي ۾ انسانيت لڄائيندڙ واقعو، جوابدارن نوجوان جو نڪ وڍي ڇڏيو

گهوٽڪي: هڪ ٻيو انسانيت لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي. کنڀڙا واري علائقي ۾ جوابدارن ڪارنهن جي تهمت مڙهي نوجوان جو نڪ وڍي ڇڏيو. نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن نوجوان شاهه علي کوسو کي پڪڙي وحشياڻي تشدد بعد تيز ڌار اوزار سان سندس نڪ وڍيو، شهرين ٻن جوابدارن ارسلان ۽ احمد کوسو کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔