آرمي چيف ۽ بل گيٽس جو پاڪستان مان پوليو جي خاتمي تائين گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن

ڪراچي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ چيئرمين بل اينڊ ملينڊا گيٽس بل گيٽس پاڪستان مان پوليو جي خاتمي ۽ صحت جون سهولتون بهتر بڻائڻ تائين گڏجي ڪم ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ چيئرمين بل اينڊ ملينڊا گيٽس بل گيٽس وچ ۾ ٽيلي فون تي رابطو ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جي ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل اپائن ۽ پوليو جي خاتمي واري مهم تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي .

هن ٻڌايو ته بل گيٽس پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ مقامي اڳواڻن ۽ بااثرشخصيتن وسيلي پوليو مهم کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ پاڪ فوج جي سهڪار جي تعريف ڪئي .

پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف ان موقعي تي چيو ته پوليو جي خاتمي جي مهم قومي فرض ۽ قومي ڪوشش آهي ، پوليو مهم کي ان وقت ڪامياب سمجهنداسين جڏهن پاڪستان ۾ ڪو به ٻار ان کان متاثر نه ٿيندو .

آرمي چيف جو چوڻ هو ته پوليو مهم جي ڪاميابي جو سهرو هيٺين سطح تي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن، موبائل ٽيمن ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ طبي عملي ڏانهن وڃي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔