ڪوئٽا ۾ پوليس موبائل تي دستي بم حملو، 3 پوليس اهلڪارن سميت 5 ڄڻا زخمي

ڪوئيٽا: اسپني رود تي پوليس موبائل مٿان دستي بم حملي جي نتيجي ۾ 3 پوليس اهلڪارن سميت 5 ڄڻا زسخمي ٿي پيا

پوليس موجب خروٽ آباد ٿاڻي جي موبائل اسپني روڊ تي گشت ڪري رهي هئي ته نامعلوم شرپسندن پوليس موبائل مٿان دستي بم ڪيو .

دستي بم حملي جي نتيجي ۾ موبائل ۾ سوار 3 پوليس اهلڪار سعادت الله، زوهيب، ارشد، دلاور خان ۽ 2 واٽهڙو محمد اسماعيل ۽ عصمت الله زخمي ٿيا جن کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال ڪوئٽا منتقل ڪيو ويو جتي هن وقت هنن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.

بلوچستان جي وزيراعليٰ ڄام ڪمال خان دستي بم حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

ڄام ڪمال خان لاڳاپيل عملدارن کي زخمين کي طبي امداد ڏيڻ جي به هدايت ڪئي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔