ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪيسز ۾ تيزي سان اضافو، ٽيسٽ رپورٽ مثبت اچڻ جي شرح 4 مهينن جي بُلند ترين سطح تي پهچي وئي

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪيسز ۾ تيزي سان اضافو، ٽيسٽ رپورٽ مثبت اچڻ جي شرح چئن مهينن جي بُلند ترين سطح تي پهچي وئي، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 37 مريض حياتي وڃائي ويٺا، گذريل ڏينهن ٽيسٽ رپورٽ مثبت اچڻ جي شرح 6.24 سيڪڙو ٿي وئي، حيدرآباد سول اسپتال ۾ شهدادپور واسڻ ڪورونا وگهي فوت، 55 ورهين جي ارباب زادي کي ڪورونا سبب حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، نواب شاهه جي پيپلز اسپتال ۾ ڊاڪٽر نور دايو به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو، اين سي او سي جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 37 مريض فوت ٿي ويا، هن وقت تائين عالمي وبا سبب 7 هزار 92 شهري فوت ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔