پاڪستان ۾ فضائي آلودگي جي شرح خطرناڪ حد تائين وڌي وئي

پاڪستان ۾ فضائي آلودگي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي ، جنهن جي ڪري لاهور جي فضا دنيا جي وڏي شهرن ۾ سڀني کان وڌيڪ گدلي آهي .

ائير انڊيڪس موجب لاهور جي فضا ۾ گدلاڻ جي ذرن جو مقدار 368 پرٽيڪيوليٽ ميٽرز تائين پهچي چڪو آهي جنهن سان شهرين کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ،

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پنجاب جي ٻين شهرن ۾ به گدلاڻ جي صورتحال نهايت ئي ڳڻتي جوڳي آهي جتي صنعتي شهر فيصل آباد جي فضا ۾ گدلاڻ جي ذرن جو انگ لاهور کان به وڌيڪ 406 پرٽيڪيوليٽ ميٽرز تائين پهچي چڪو آهي .

رپورٽ موجب ڪراچي به دنيا جي گدلي شهرن ۾ ٽين وڏي نمبر تي آهي جنهن جي هوا ۾ گدلاڻ جي ذرن جو مقدار 197 پرٽيڪوليٽ ميٽرز رڪارڊ ڪئي وئي آهي .

فضا ۾ خرابي جي ڪري طبي ماهرن شهرين کي ماسڪ استعمال ڪرڻ ،گهرن جون دريون ، دروازا بند رکڻ ۽ بنا سبب گهر کان ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔