حڪومت ڪرونا کي سامهون رکندي تقريبن تي پابندي لڳائي پر پاڻ وڏا جلسا ڪري پئي:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ ريمار ڪس ڏنا آهن ته حڪومت ڪرونا وبا کي سامهون رکندي شادي جي اِنڊور تقريبن تي پابندي لڳائي آهي پر پاڻ وڏا وڏا جلسا ڪري رهي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ملڪ ۾ ڪرونا سبب اِنڊور هال ۾ شادي هال ۾ شادي جي تقريبن تي پابندي جي حڪم خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اين سي او سي 6 نومبر تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ته 20 نومبر کان انڊور هال ۾ شادي تقريبن جي به اجازت نه هوندي.وزيراعظم چئي ٿو ته اسان معيشت جي ڦيٿي کي نه روڪينداسين، پر مارڪيز جي خلاف ائين ڇو ٿي رهيو آهي؟ پاليسي ٺاهي 10 هزار ماڻهن کي بيروزگار نه ڪيو وڃي.چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪنهن شادي ۾ ڪرونا ڦهلجي وڃي ته عدالت ان جي ذميداري قبول ڪري نٿي سگهي،حڪومت کان پڇون ٿا ته شادي هال جي مالڪن سان امتيازي سلوڪ ڇو ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔