مريم نواز غير ذميواراڻو بيان ڏنو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد: ن ليگ جي اڳواڻ مريم نواز جي انٽرويو تي ردعمل ڏيندي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مريم نواز غير ذميواراڻو بيان ڏنو آهي، مريم جو مسئلو چونڊيل ماڻهو آهن، انهن کي ڪڍڻ چاهي ٿي،هن جي بيان جي ڪا به اهميت ناهي.وفاقي وزير چيو ته بيان سان مريم جي سياسي پختگي جو اندازو ٿئي ٿو، هڪ طرف چوي ٿي مداخلت نه ڪريو ٻئي طرف دعوت ڏئي ٿي.هن چيو ته فوج سان نه ملڻ جو فيصلو ڪندڙ رابطن جون ڳالهيون ڇو پيا ڪن، اهي چاهين ٿا حڪومت کي هٽائي انهن کي ويهاريو وڃي، جي بي چونڊن ۾ نتيجو ڏسي انهن کي اندازو ٿي ويندو..فواد چوڌري ردعمل ڏيندي چيو ته پهريان به اها ئي ڳالهه ٿي چڪي آهي، مريم نواز مونجهاري جو شڪار آهي، مريم نواز کي خبر ناهي ته ڇا ڪرڻو آهي ،مريم نواز جو ڪو هڪ موقف ناهي. خاص معاون شهباز گل چيو ته اهي پاڪستان تي ملڪ دشمن موقف سان حملا پيا ڪن،ڪجهه پارٽيون ملڪ دشمن موقف سان گڏ ناهن، ڪجهه اڻڄاڻائي ۾ انهن کي ڪلهو استعمال ڪرڻ پيا ڏين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔