آل پاڪستان هندو پئنچائت جي سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل

ڪراچي: آل پاڪستان هندو پئنچائت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ديوالي جي ٻئي ڏينهن تي ٿيندڙ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسي ايشن جي ٽيسٽ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي .

تفصيل موجب آل پاڪستان هندو پئنچائت جي اڳواڻ روي دواني سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي پاڪستان ميڊيڪل ايسوسي ايشن جي ٽيسٽ واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي آهي.

سندس چوڻ آهي ته ديوالي جي ٻئي ڏينهن 15 نومبر 2020 تي ميڊيڪل ٽيسٽ رکي وئي آهي جيڪا انهن سان زيادتي آهي .

روي دواني جو چوڻ هو ته انهن جي برادري سان تعلق رکندڙ شاگرد ان موقعي تي نه ديوالي ملهائي سگهندا ۽ نه ئي ٽيسٽ ڏئي سگهندا ،تنهنڪري انهن جي ٽيسٽ ڪنهن ٻئي عام ڏينهن تي ورتي وڃي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔