مفڪرِ پاڪستان شاعرمشرق ڊاڪٽر علاما محمد اقبال جو 143 هون جنم ڏينهن

ڪراچي: مسلمان لاءِ آزاد ملڪ جو خواب ڏسندڙ ۽ انساني روح کي بيدار ڪرڻ واري شاعر مشرق علاما محمد اقبال جو اڄ 143 هون جنم ڏينهن پوري پاڪستان ۾ ملهايو پيو وڃي .

شاعرمشرق علاما محمد اقبال ويهين صدي جو ناليوارو مفڪر، شاعر، مصنف، قانون دان ، سياست دان ،مسلم صوفي ۽ تحريڪ پاڪستان جي اهم ترين شخصيتن مان هڪ هو .

علاما محمد اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن ۾ آزاد رياست جي خيال کي جنم ڏنو، سندس لفظن ۾ اها طاقت هئي جو ان مسلمان امت کي انهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ آزادي لاءِ قدم اڳتي وڌائڻ جي ترغيب ڏني.

اقبال جي ڏهاڙي تي سڄي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ تقريري مقابلا منعقد ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ اقبال جي ڪلام ۽ ان جي شخصيت جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي ويندي.

شاعر مشرق علاما اقبال جي پيدائش جي ڏهاري جي موقعي تي لاهور ۾ سندس مزار تي گارڊز جي تبديلي جي پروقارتقريب ٿي.

سامونڊي فوج جي چاق ۽ چوبند دستي مزار اقبال تي گارڊز جا فرض سنڀاليا. ان کان اڳ ۾ اها ذميواري پاڪستان رينجرز وٽ هئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔