ڪلڀوشن ياديو کي وڪيل تائين پهچ وارو ڪيس: ڀارتي موقف پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ، ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي وڪيل تائين پهچ واري ڪيس ۾ پهرين ڊسمبر تائين ڀارتي موقف پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته اسين ويانا ڪنوينشن تحت جوابدار کي وڪيل ڪرڻ جي اجازت هئڻ گهرجي، ڪلڀوشن ڀارتي شهري آهي، اسان کي ڀارتي معاونت گهرجي، انصاف واري عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل چاهيون ٿا.چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهيءَ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لارجر بئنچ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي وڪيل تائين پهچ ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اٽارني جنرل خالد جاويد پيش ٿيو.اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪندي چيو ته حڪومت انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ چاھي ٿي ۽ ڪلڀوشن کي وڪيل تائين پهچ ڏيڻ لاءِ تيار آھي پر ڀارتي حڪومت سنجيدھ ناھي، ڪيس ۾ وڪيل ڪرڻ نٿي چاھي.چيف جسٽس چيو ته ويانا ڪنوينشن تحت جوابدار کي وڪيل ڪرڻ جي اجازت ھجڻ گهرجي، ڀارت ھن ڪيس ۾ ڪجھه خدشا ھئا، ڇا اھي ختم ٿي ويا؟ جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏيندي چيو ته ڀارتي ڄاڻي واڻي ڪيس ۾ حصو نٿو بڻجي، جيڪو شاهنواز نون کي معاون مقرر ڪرڻ لاءِ چئي رهيو آهي.چيف جسٽس چيو ته ڪلڀوشن ڀارتي شھري آھي، اسان کي رڳو ڀارتي حڪومت جي معاونت گهرجي، انصاف واري عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل چاھيون ٿا، ڀارتي ھائي ڪميشن سان رابطو ڪيو ويو، ان ڪھڙو جواب ڏنو؟چيف جسٽس چيو ته جڏھن ڀارت معاملي ۾ شامل ناھي ته عمل ڪيئن ڪجي؟ ڪيس کي آرٽيڪل 36 ويانا ڪنوينشن تحت ڏسي رھيا آھيون، ھي قانوني عدالت آھي، ڀارت کي ھتي اچڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔