اسين نه رڳو گلگت پر وفاق ۾ به حڪومت ٺاهينداسين:بلاول ڀٽو زرداري

گلگت: پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسين نه رڳو گلگت پر وفاق ۾ به حڪومت ٺاهينداسين، گلگت-بلتستان صوبو اسان جي منشور جو حصو آهي، حق کسڻ نه پر حق ڏيڻ آيا آهيون.گلگت جي علائقي نگر ۾ چونڊ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سليڪٽڊ حڪومت گذريل ٻن سالن ۾ گلگت کي هڪ به منصوبو ناهي ڏنو.هن چيو ته جڏهن به پيپلز پارٽي حڪومت ۾ آئي آهي، عوام کي حق ڏنا آهن، گلگت بلتستان جي عوام جو مطالبو آهي ته پارليامينٽ ۾ نمائندگي ڏني وڃي.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسين نه رڳو گلگت بلتستان ۾ حڪومت بڻائي رهيا آهيون پر وفاق ۾ به حڪومت بڻائي رهيا آهيون، پ پ گلگت جي عوام کي پنهنجي سر زمين جو مالڪ بڻائي ويهنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔