ميلانيا ٽرمپ کان طلاق وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو:برطانوي خابرو اداري جي دعويٰ

نيويارڪ: ڊونلڊ ٽرمپ جي گهرواري ميلانيا ٽرمپ جي اڳوڻي سينيئر صلاحڪار اسٽيفني ووڪ آف دعويٰ ڪئي آهي ته ملانيا پنهنجي مڙس ٽرمپ کان طلاق وٺي ڇڏيندي، برطانوي خابرو اداري موجب ميلانيا ٽرمپ جي اڳوڻي سينيئر صلاحڪار اسٽيفني ووڪ آف دعويٰ ڪئي آهي ته ميلانيا ٽرمپ طلاق کانپوءِ پنهنجي پٽ کي به ڊونلڊ ٽرمپ جي جائيداد مان برابر حصو وٺڻ جي معاملي تي مشاورت ڪري رهي آهي، هن موجب ٽرمپ ۽ ميلانيا وائس هائوس ۾ پنهنجا بيڊ رومز الڳ ڪري چڪا آهن، ٻئي پاسي ٽرمپ حڪومت جي اڳوڻي عهديدار اومروسا مينيگولٽ نيومين به دعويٰ ڪئي آهي ته ميلانيا جي ڊونلڊ ٽرمپ سان 15 سالا شادي پهريان ئي ختم ٿي چڪي آهي، ميلانيا ٽرمپ هڪ هڪ منٽ ڳڻي رهي آهي ته ڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ وائس هائوس ڇڏيندو ۽ ان کان هوءَ طلاق وٺي سگهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔