وڏي وزيرمراد علي شاهه سنڌ ۾ برسات متاثر خاندانن کي سماجي تحفظ تحت معاوضا ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي : وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ برسات متاثر خاندانن کي سماجي تحفظ تحت معاوضا ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، معاوضي جي رقم جاري ڪرڻ بابت حتمي منطوري لاءِ ڪابينا جو اجلاس جلد گهرائڻ جو فيصلو، وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس دوران صوبي ۾ برسات سبب ٿيل نقصان جو جائزو ورتو ويو، متاثر خاندانن جِي ڊيٽا جِي هڪ ڀير ٻيهر تصديق ڪرائڻ جي هدايت، وڏي وزير چيو آهي ته متاثرن جو سڃاڻپ ڪارڊ ڏسڻ بعد اي ٽي ايم ذريعي معاوضي جي رقم جاري ڪئي ويندي، برسات جي تباهڪارين بعد ڪراچي جي 6، حيدرآباد جي 9، ميرپور خاص جي 3 ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ٻن ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو، برساتن سبب 29 لک گهر تباهه ۽ 12 لک 90 هزار ماڻهو متاثر ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔