بلاول ڀٽو ذميواراڻو انٽرويو ڏنو آهي: شيخ رشيد

ڪراچي : وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته بلاول ڀٽو ذميواراڻو انٽرويو ڏنو آهي، اڳڪٿي ڪري چڪو آهيان پيپلز پارٽي 20 جنوري تائين نواز ليگ سان گڏ نه هلي سگهندي، وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان ۾ گلگت بلتستان جي عوام جو فيصلو نه مڃيو ويو ته اُن کان وڌيڪ سياسي بدمزگي ٻي نه هوندي، مريم نواز پنهنجي سياست کي بند گهٽي ۾ وٺي وڃي رهي آهي، سياست ۾ ڳالهين جا در بند نه ڪيا ويندا آهن، ڊائلاگ بدران جوڊو ڪراٽي تي يقين رکندڙن جي سياست بند گلي ۾ هلي ويندي، ملڪ ۾ مارشل لا نٿو لڳي سگهي ۽ نه ئي دنيا ۾ مارشل لا جهڙيون حالتون آهن، عمران خان پنج سال پورا ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔