پاڪستان سپر ليگ فائيو جي پلي آف ميچز لاءِ پرڏيهي رانديگرن جي اچڻ جو سلسلو شروع

لاهور: پاڪستان سپر ليگ فائيو جي پلي آف ميچز لاءِ پرڏيهي رانديگرن جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.پاڪستان سپرليگ فائيو جي بقايا 4 ميچز 14 کان 17 نومبر تائين نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيا ويندا. سموريون تياريون پڻ مڪمل ٿي ويون آهن. پي ايس ايل فائيو جي انهن رهيل مئچن ۾ شرڪت لاءِ لاهور قلندرز ۾ شامل انگلينڊ جو سمت پٽيل ڪراچي پهچي ويو آهي.ٻين ڪرڪيٽرز جي به اچڻ جو سلسلو شروع ٿيندو، ڊيوڊ ويئسا ۽ ڊين ويلاس اڄ ڪراچي پهچندا، بين ڊنڪ به اڄ تائين پهچي ويندو.پشاور زلمي ۾ شامل فاف ڊوپليسي ۽ ڊيرن سيمي به آڱاري تائين ڪراچي پهچي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔