پي ڊي ايم ۾ ڏار وجهڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون: قمر زمان ڪائره

اسلام آباد: پ پ اڳواڻ قمرزمان ڪائره چيو آهي ته پي ڊي ايم ۾ ڏار وجهڻ واريون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون.

پ پ جي مرڪزي اڳواڻ قمرزمان ڪائره پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي انٽرويو کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جمهوريت ۽ سول بالادستي جي لاءِ پيپلزپارٽي جي ٽن نسلن جدوجهد ڪئي آهي. هن چيو ته سول بالادستي جي جدوجهد ۾ اسان پنهنجن ٻن عظيم اڳواڻن ۽ هزارين جيالن جون قربانيون ڏنيون آهن.

قمرزمان ڪائره چيو ته  پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جو جنم به پيپلز پارٽي جي آل پارٽيز ڪانفرنس(اي پي سي) جي گڏيل بيان سان ٿيو ۽ بلاول ڀٽو جو بيان پي ڊي ايم جي ايجنڊا جو  تسلسل آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ ڏار وجهندڙ ناڪام ٿيندا ۽ پيپلز پارٽي پي ڊي ايم جي لاڳاپيل ايجنڊا سان گڏ بيٺل آهي.

نوازشريف بابت ڳالهيون ڪندي پ پ اڳواڻ چيو ته ڪورونا وائرس سبب بلاول ڀٽو جي نوازشريف سان ملاقات نه ٿي سگهي جڏهن ته بلاول ڀٽو نوازشريف سان ملي ان سمورن مسئلن تي ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔