حيدرآباد: ڪورونا ڪيس ۽ فوتگين ۾ واڌ کان پوءِ 16 يونين ڪائونسلن ۾ لاڪ ڊائون جو فيصلو

حيدرآباد : دملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن ۽ فوتگين ۾ واڌ کان پوءِ حيدرآباد جي 16 يونين ڪائونسلن ۾ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي. 

رپورٽ موجب حيدرآباد شهر ۾ 4 يونين ڪائونسلن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن جنهن ۾ لطيف آباد جي 5 يونين ڪائونسلز ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويندو. جڏهن ته  ڪينٽ واري علائقي ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويندو.

قاسم آباد جي 5 ۽ ڳوٺن ۾ 1 يونين ڪائونسل ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويندو. حيدرآباد انتظاميه لاڪ ڊائون جي سلسلي ۾ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ياد رهي ته حيدرآباد شهر ۾ هڪ هفتي دوران ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ڊاڪٽر سميت 7 فوتگيون ٿي چڪيون آهن.

حيدرآباد ۾ 348 پازيٽو ڪيسن سان گڏ روزاني ڪيسن ۾ واڌ جاري آهي. جڏهن ته حيدرآباد سول اسپتال  واري ڪورونا جي وارڊ ۾ 20 مريض داخل آهن.

ڪورونا ۾ مبتلا ٻين مريضن کي گهرن ۾ ڪورنٽائن ڪيو ويو آهي. جڏهن ته  حيدرآباد ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 18 نوان ڪيس سامهون اچي ويا آهن ۽ شهر ۾ ايڪٽو ڪيسن جو انگ 364 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔