ڪورونا جي ٻي لهرخطرناڪ آهي: پاڪستان ميڊيڪل ايسوسي ايشن

ڪراچي: پاڪستان ميڊيڪل ايسوسي ايشن (پي ايم اي) خبردار ڪيو آهي ته ڪورونا جي ٻي لهر نهايت خطرناڪ آهي تنهنڪري احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو.

پي ايم اي ماسڪ لازمي پائڻ ۽ خلاف ورزي تي ڏنڊ هڻڻ واري حڪومتي فيصلي جي واکاڻ ڪندي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ماسڪ نه پائيندڙن جي خلاف ڪارروائي ضرور ڪيو ،ٿورو ڏنڊ رکو ۽ ان تي سختي سان عمل ڪرايو .

پي ايم اي جو چوڻ آهي ته وبا جي ٻي لهر نهايت ئي خطرناڪ آهي ۽ ان سان ٽن هفتن ۾ 8 ڊاڪٽر موت جو شڪار ٿيا آهن .

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسي ايشن جو چوڻ آهي ته حڪومت عوام ۾ ماسڪ مفت ۾ ورهائي ، ماسڪ ۽ سينيٽائزرز جون قيمتون به ڪنٽرول ۾ رکيون وڃن ، ميڊيا به هٿ ملائڻ ۽ سيني ملائڻ واريون تصويرون نه هلائي.


جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔