نيازي حڪومت هاڻ ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي: مريم نواز

گلگت بلتستان: مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نيازي حڪومت ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي ان جو حال عوام ڏسي چڪي آهي ان لاءِ گلگت بلتستان جي عوام ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

گلگت بلتستان جي ضلعي شگر ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو ته گلگت بلتستان جا ووٽ چوري ٿيڻ کان بچائڻا آهن. هن ڀيري عوام پنهنجي ووٽ جي ذريعي نوٽن کي شڪست ڏيندو ۽ 15 نومبر تي ووٽ کي عزت ڏني ويندي. 

مريم نواز چيو ته نيازي حڪومت هاڻ ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي. عمران خان ڪافي پريشان آهي ۽ کيس نوازشريف ياد اچي ويو آهي ان جي حڪومت جو حال عوام ڏسي چڪي آهي ان لاءِ گلگت جي عوام کين رد ڪري ڇڏيو آهي. ووٽ چوري ڪندڙن جي سامهون عوام کي هاڻ بيهڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔